جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ قائم علي شاھ جي عبوري ضمانت واري درخواست اڪلائجي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ ريفرنس ۾ قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيوته قائم علي شاهه جي عمر ڪيتري آهي؟، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته قائم علي شاهه 85سالن جو آهي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا قائم علي شاهه جي گرفتاري ضروري آهي؟، نيب وڪيل جواب ڏنو ته قائم علي شاهه جي گرفتاري جي گهرج ناهي، عدالت قائم علي شاهه جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔