پ پ جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن سگهن ٿيون: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن سگهن ٿيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پ پ  اقتدار ۾ ايندي ته عوام کي ماني، ڪپڙا، گهر ۽ روزگار ملندو. هن چيو ته ملڪ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽي جون معاشي پاليسيون ئي ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن سگهن ٿيون.

بلاول ڀٽو چيو ته مخالف پارٽين جي معاشي پاليسين سان اميرن کي فائدو پهچندو آهي. جڏهن ته ماني، ڪپڙا، گهر ۽ روزگار جي واعدي کي پيپلز پارٽي نڀايو آهي.

هن چيو ته موجوده حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن. پر پيپلز پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن کي هميشه جيان حل ڪندي رهندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔