پير ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلو ڄاڻائي نئون ديرو واسي 3 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

پيرجوڳوٺ: پير ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلو ڄاڻائي نئون ديرو واسي 3 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته برادري جتوئي جي ڪچي ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا، جن وٽان 2 ڪلاشنڪوف ۽ رپيٽر هٿ آيا آهن، مارجي ويل ڏوهارين جي وقار سولنگي، علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻي ابڙو طور سڃاڻپ، علائقي ۾ جوابدارن کي پڪڙي فل فراءِ ڪرڻ جا چئوٻول ھلي رھيا آھن. جڏھن تھ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل 3 ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وقار سولنگي جو لاش سندس ڀيڻ، علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻي بخش ابڙو جو لاش سندس ماسي حوالي ڪيا ويا، جڏھن تھ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔