سنڌ جي هر شهري کي ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي : سنڌ حڪومت سنڌ جي هر شهري کي ڪورونا کان بچاءُ وارِي ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سمورن کاتن کي پنهنجون سرڪاري گاڏيون ڊرائيورز سوڌو ڊي سيز کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽن مهينن اندر سنڌ جَي سمورن ضلعن ۾ وڏي پيماني تي ويڪسينيشن ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار پاران ويڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جِي پگهار بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جَي ناڻي کاتي کي ويڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جِي پگهار جُون مهيني کان بند ڪرڻ جِي هدايت ڪئي، ڪورونا ٽاسڪ فورس جَي اجلاس دوران سنڌ واسين کي ويڪسينيشن سينٽر تي ويڪسين لڳرائڻ جِي اپيل ڪئي وئي. صوبي ۾ 300 بُنيادي صحت مرڪزن کي ويڪسينيشن سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي، بي ايڇ يوز ۾ ويڪسين جا روزانو 30 هزار ڊوز لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔