حيدرآباد :عدالت جو ميونسپل ڪمشنر زاهد خواجه کي هٽائڻ جو حڪم

حيدرآباد: حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ هڪ ئي وقت 2 ميونسپل ڪمشنر مقرر هئڻ وارو معاملو ، عدالتي حڪم تحت مقرر ميونسپل ڪمشنر زاهد خواجه پاران داخل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت جو ايڊمنسٽريٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ٻئي ميونسپل ڪمشنر کي ايڇ ايم سي ۾ چارج ڇو ڏني؟، ايڊمنسٽريٽر الطاف حسين چيو ته درخواست داخل ڪرائيندڙ ميونسپل ڪمشنر زاهد خواجه ڪجه ئي ڏينهن دوران ساڍا چار ڪروڙ رپيا رهتون ڄاڻائي ٺيڪيدارن کي ڏيئي ڇڏيا آهن جنهن ڪري هاڻي ايڇ ايم سي جي اڪائونٽ ۾ ايتري رقم ناهي جو ملازمن کي پينشن ۽ پگهار ڏيئي سگهون، ڄاڻايل ميونسپل ڪمشنر اهل ئي نه آهي جو ميونسپل ڪمشنر طور ڪاروهنوار هلائي سگهي، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته مونکي ٽيم ورڪ لاءِ فاخر شاڪر ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته هي تجرييڪار عملدار آهي جيئن شهرين جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائيندڙ ميونسپل ڪمشنر زاهد خواجه کي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت چيو ته فاخر شاڪر ٽي مهينا ڪم جاري رکي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔