سنڌ سرڪار درياهي وهڪرن ۾ واڌ وارِي ارسا جِي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

ڪوٽڙي:…سنڌ سرڪار درياهي وهڪرن ۾ واڌ وارِي ارسا جِي دعويٰ رد ڪري ڇڏي، سنڌ جَي آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته، گُڊو بئراج وٽ اڄ وري پاڻي گهٽ ٿيندو، صوبي اندر پاڻي جِي کوٽ واري صورتحال وڌيڪ بدتر ٿي ويندي: ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه جَي سُڪل پيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل انور سيال چيو ته، ڪيترن ئي هنڌن تي زرعي پاڻي ته ٺهيو پر پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، اسان جو مطالبو رڳو اهو آهي ته 91واري ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي ۽ لنڪ ڪئنالز نه کوليا وڃن، پ پ سنڌ جَي صدر نثار کهڙو چيو ته، تونسا ۽ گُڊو بئراج جَي وچ ۾ ڪهڙا واٽر پمپ لڳل آهن ۽ ارسا اُن تي خاموش ڇو آهي؟ سنڌو جَي پيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد دنيا کي ٻڌائڻ آهي ته سنڌو ۾ وارِي اڏامِي رهي آهي، سنڌ جَي عوام کي بُک ۽ بدحالي جو شڪار بڻايو پيو وڃي، سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ جو آهي ۽ حق وٺڻ لاءِ سنڌ جو عوام ساٿ ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔