قرنطينا ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪراچي ڪنگز جو ڪوچ وسيم اڪرم بيزار ٿي پيو

ابوظهبي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ڪراچي ڪنگز جو ڪوچ وسيم اڪرم بائيو سيڪيور ببل ۾ ٿڪجي پيو آهي ۽ بوريت محسوس ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ هن عوام کان راءِ طلب ڪئي آهي ته هاڻ ڇا ڪريان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هتي آئسوليشن ۾ هي ٽيون ڏينهن آهي ۽ آئون نيٽ فلڪس، پرائم ۽ ٽي وي جي ڪيبل تي سموريون شيون ڏسي چڪو آهيان، منهنجو صبر هاڻ ختم ٿيڻ وارو آهي. هاڻ عوام مون کي ٻڌائي ته ڇاڪريان، هر طرح جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔