پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز جو امڪان

لاهور: پاڪستان ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيندڙ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز لاءِ افغانستان کي پاڪستان جي ميزباني ڪرڻي آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستاني ٽيم جي ميزباني جو خواهشمند آهي، ان حوالي سان ان پي سي بي سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔