پاڪستان ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي، هلندڙ هفتي مارڪيٽ ۾ آڻڻ تي غور شروع

اسلام آباد: پاڪستان پنهنجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي آهي. هلندڙ هفتي ويڪسين مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي پلان تي غور ڪيو پيو وڃي.پاڪستانين جي لاءِ وڏي خوشخبري، پاڪستان مقامي سطح تي ڪورونا ويڪسين ڪاميابي سان تيار ڪري ورتي. ويڪسين چيني ٽيم جي نگراني هيٺ پاڪستاني ماهرن تيار ڪئي آهي. ڪورونا ويڪسين صحت واري قومي اداري ۾ تيار ڪئي وئي آهي.جڏهن ته پهرين فيز ۾ سنگل ڊوز ڪين سائينو جا 1 لک 24 هزار ڊوز تيار ڪيا ويا آهن. مقامي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين هلندڙ هفتي استعمال جي لاءِ دستياب هوندي. ويڪسين جي ٻئين کهيپ پاڪستاني ماهر تيار ڪندا. چيني ٽيم ويڪسين جي تياري ۾ پاڪستاني ماهرن جي مدد ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔