حيدرآباد:کنڀجي ويل نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي وارثن پاران عدالت ۾ درخواست

حيدرآباد: قاسم آباد واسي پراسرار نموني کنڀجي ويل ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا جو مهينو گذرڻ باوجود پتو نه پئجي سگهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا حماد حسين ميمڻ جي گهر واري سائره حماد ميمڻ مڙس جي گمشدگي بابت عدالت سان رجوع ڪري ورتو، سندس چوڻ هو ته 12 اپريل2021ع تي مڙس بدين ۾ ڊيوٽي تان واپس گهر اچي رهيو هو ته تلهار مان سندس گاڏي لاوارث حالت ۾ هٿ آئي هئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا، حماد ميمڻ کي مبينا طور پوليس موبائل پروٽوڪول ۾ ويگو ۾ سوار سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهن کنڀيو پر تلهار پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سائره حماد ميمڻ چيو ته تلهار پوليس مڙس کي گنڀي گم ڪرڻ جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري جنهن خلاف عدالت سان رجوع ڪيو آهي. 18 مئي تي درخواست داخل ٿيڻ بعد عدالت گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي بدين کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن 3 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔