ايف آءِ اي ۾ روٽيشن پاليسي تحت 18 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ۾ روٽيشن پاليسي تحت 18 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سراج پنھور، عبدالرئوف شيخ, محمد سليم، انسپيڪٽر منصور خان کي سنڌ مان بلوچستان بدلي ڪيو ويو آهي جڏهن ته انسپيڪٽر عرفان عبدالنبي، نديم غفار ۽ اسسٽنٽ فقير محمد کي بلوچستان مان سنڌ بدلي ڪيو ويو آهي. اي ڊي سعيد ميمڻ زونل آفيس ڪراچي مان اي ڊي جي سنڌ آفيس، انسپيڪٽر مزمل جتوئي، نبيل محبوب سنڌ زون ون مان سنڌ زون ٽو ۾ بدلي ڪيا ويا آهن. انسپيڪٽر عدنان علي، حفيظ الله ۽ صحيب ھاشمي، اسسٽنٽ خليل حمد ۽ عثمان جاويد سنڌ زون ٽو ۾ بدلي جڏهن ته سپرنٽينڊنٽ محمد اقبال، محمد علي ۽ نبي بخش لاکير کي سنڌ زون ٽو مان سنڌ زون ون ۾ بدلي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔