شادي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۾ 18 سال جي شرط وارو قانون عدالت ۾ چيلينج

ڪراچي: آرزو فاطمه ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي اظهر سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ ۾ شادي جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 18 سال عمر جي شرط کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڇوڪريءَ جي شادي لاءِ 18 سال جو شرط شريعت جي موجب نه آهي، شريعت موجب شادي جو شرط بلوغت آهي، درخواستگذار جي موقف تي عدالت چيو ته هي مامرو شرعي ڪورٽ جو آهي، توهان اتي کڻي وڃون، هي مامرو هاءِ ڪورٽ جي حد ۾ نٿو اچي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو هي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌي سگهي ٿي يا شريعت ڪورٽ، جنهن بعد عدالت وڪيل کان دليل طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ چائلڊ ميرج جي تحت آرزو ۽ علي اظهر جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏيندي عدالت آرزو جي عمر 18 سال کان گهٽ هجڻ تي ڪالعدم قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔