نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب بڻجي عوام سان فراڊ ڪندڙ جوابدار گرفتار

اسلام آباد: ڪراچي ۾ پاڻ کي نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب ڪراچي سڏائي عوام کان ڦرلٽ ڪندڙ ٺڳ عامر حسين گرفتار، ٺڳن جي گروهه جو مُک ڪردار خالد سولنگي دبئي مان ڪراچي ۾ مختلف کاتن جي آفيسرز کي بليڪ ميل ڪري ڦرلٽ ڪرڻو لڳو، نيب چيئرمين جي هدايت تي خالد سولنگي جو پاسپورٽ ڪينسل ڪرڻ ۽ انٽر پول ذريعي کيس پاڪستان گهرائڻ لاءِ گهرو کاتي کي خط، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته خالد سولنگي دبئي مان ڪراچي ۾ سرڪاري آفيسرز کي بليڪ ميل ڪندو هو، عامر حسين وري آفيسرز کان پئسا وٺندو هو، جاچ دوران گرفتار ٺڳ عامر حسين جا وڌيڪ اهم انڪشاف، نيب عامر حسين جي نشاندهي تي جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔