مقصد جي حاصلات ۾ رڪاوٽ ٿي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿو: اسد عمر

اسلام آباد: ترقي ۽ منصوبه بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان سمجهيو ته مقصد جي حاصلات آڏو رڪاوٽ آهي ته هو بنا دير اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿو. ٽويٽر تي پنهنجي هڪ ٽي وي پروگرام جو ڪلپ شيئر ڪندي وفاقي وزير لکيو ته جڏهن مونکان اهو سوال ٿيو ته ڇا وزيراعظم اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿو ته مون جواب ڏنو ته عمران خان طاقت لاءِ اقتدار ۾ ناهي آيو، هن جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. وڊيو ۾ اسد عمر ڪي پي ڪي حڪومت جو هڪ واقعو ٻڌايو جنهن ۾ 10، 12 ميمبرن تي ٻڌل هڪ گروپ وزيراعظم سان ملاقات دوران حڪومت خلاف مسئلا بيان ڪيا، جنهن تي وزير اعظم سندن تحفظات ٻڌا ۽ پنو ۽ پين گهرائي اهي نوٽ ڪيا. ملاقات جي آخر ۾ وزير اعظم کين چيو ته جيڪڏهن ڪوئي به سمجهي ٿو ته بليڪ ميل ڪري مونکان مطالبا مڃرائي سگهي ٿو ته آئون سڀاڻي نه پر اڄ ئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندس. اسد عمر چيو ته وزيراعظم اهڙو ماڻهو آهي، جنهن جڏهن سمجهيو ته عوام جي خدمت آڏو ڪا رڪاوٽ آهي ته هو عهدو ڇڏيندي دير نه ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔