کنڊ اسڪينڊل: ڊاڪٽر رضوان کي جاچ ٽيم جي سربراهي جاري رکڻ جو حڪم

اسلام آباد: حڪومت ايف آءِ اي آفيسر ڊاڪٽر رضوان کي کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ٽيم جي سربراهي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت پيغام ڏنو آهي ته ڊاڪٽر رضوان پنهنجي ٽيم سان گڏ کنڊ اسڪينڊل جي جاچ جاري رکندو ان جي ٽيم ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي ابوبڪر، خدا بخش کي رپورٽ ڪندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين کي 3 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي تي لائحه عمل ٻڌايو ويندو. جڏهن ته اجلاس ۾ کنڊ ايڪنڊل جي جاچ ۾ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب  ايف اءِ اي  جي ٽيم جمعي تي سينيٽر علي ظفر کي جهانگير ترين جي خلاف ڪيس تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ان اجلاس ۾ جهانگير ترين ۽ ٻين شوگرملز مالڪان جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

واضح رهي ته پنجاب ۾ کنڊ مافيا جي خلاف جاچ ڪندڙ  گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي تبديل ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون هيون. ذريعن جو چوڻ هو ته وفاقي وزير خسرو بختيار جي خاندان جي ڪي ٽو اسٽار شوگرمل جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي کنڊ جاچ ٽيم جي سربراهه کي هٽايو ويو.

ايف آءِ اي جي ٽيم خسرو بختيار ڪي ٽو اسٽار شوگرمل ۾ 13 ڪروڙ جا شيئر رکڻ تي طلب ڪرڻ چاهيو ٿي. ذريعن موجب ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان جهانگير ترين جي کنڊ اسڪينڊل ۾ گرفتاري جي اجازت به گهري  هئي ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهڻ تي ان کي ڪم کان روڪيو ويو هيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔