پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ڪالعدم ٽي ايل پي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي درخواست جو جائزو به ورتو ويو. ذريعن موجب حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي تي پابندي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ گهرو وزارت جا 2 جوائنٽ سيڪريٽريز به ڪميٽي جو حصو هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔