هراري ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالر ۽ بيٽسمين ڇانئجي ويا، زمبابوي ڏکيائين جو شڪار

هراري : هراري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن زمبابوي جي ٽيم 176 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 103 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي زمبابوي جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو 73 رنسن جي ضرورت آهي.
هراري ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي پاڪستاني بالرن غلط ثابت ڪري ڇڏيو ۽ زمبابوين ٽيم کي 176 رنسن تائين محدود رکيو.
زمبابوي طرفان رائي ڪايا 48 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته تريسائي مساڪڊزا 14، ڪپتان برينڊن ٽيلر 5، ملٽن شمبا 27، بازريجس چاڪبوا 19، ڊونلڊ تريپانو 28، پرنس مسواوري 11، رچرڊ نگاروا هڪ، ٽينڊائي چسورو 9، جڏهن ته ڪيون ڪاسوزا کاتو ئي نه کوليو.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4-4 شڪار ڪيا، جڏهن ته نعمان علي هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن عابد علي ۽ عمران بٽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ڪنهن به نقصان بنا ٽيم جو اسڪور 103 تائين پهچائي ڇڏيو.
پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته عابد علي 56 ۽ عمران بٽ 43 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
واضح رهي ته زمبابوي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، عمران بٽ، عابد علي، اظهر علي، فواد عالم، محمد رضوان، فهيم اشرف، نعمان علي، حسن علي، ساجد خان ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔