وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ گڏيل مقصدن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو.

وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ ڪورونا کان بچاءَ واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪورونا ۽ پوليو جي خلاف مهم ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي منصوبن ۽ بلين ٽرين سونامي منصوبي کان بل گيٽس کي اگاهه ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان  مان پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. جڏهن ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۽  چيلنجز جي باوجود پوليو مهم جاري آهي. هن چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ بل گيٽس فائونديشن جو احساس پروگرام ۾ تعاون ڪمزور طبقي جي مدد ڪندو آهي. 

وزيراعظم بل گٽس جي وچ ۾ گڏيل مقصدن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بل گيٽس ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي  ارادن جي تعريف ڪئي. بل گيٽس چيو ته دنيا کي هن عالمي چيلنج جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ ماحولياتي تبديلي  سبب دنيا جو خوراڪ وارو نّطام خطري ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔