سکر: سرڪاري زمينن تي قبضا، ايڪسيئن جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر، سرڪاري زمينن تي قبضن واري ڪيس ۾ ايڪسيئن سکر جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، هاءِ ڪورٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هٽائڻ جي حڪم واري نظر ثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دورا عدالت چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايڪسيئن آبپاشي کي 27 اپريل تائين گرفتار ڪري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت طرفان ڪيٽل ڪالوني ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ ميرٽ تي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيٽل ڪالوني ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ ميرٽ تي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته عدالت سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمنيٽ جي الزام ۾ ڊي سي کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔