موقف تي قائم آهيان، ڌمڪين کان پوئتي نه هٽندس: راڻا ثناءُ الله

لاهور: وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان دهشتگردي ڪيس داخل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو موقف سامهون اچي ويو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فواد چوڌري دير نه ڪري منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائي، هو منهنجي خلاف ڪيس ۾ فريادي پاڻ بڻجي. هن چيو ته مان پنهنجي موقف تي قائم رهندس، ڌمڪين کان پوئتي نه هٽندس، سعد رضوي جي بيانن جي منهنجي بيانن ۽ عمران خان جي بيانن سان ڀيٽ ڪرايو. واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانونن تحت ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔