سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي بئنچ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا وڪيل جي پيشي تي ٻڙڌڪ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي بئنچ ۾ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا وڪيل جي پيشي تي ٻڙڌڪ مچي ويو، چيف جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست آئي هئي، جنهن تي وڪيل خالد محمود چيو ته مان ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ باوجود به آيو آهيان، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي اهڙي حالت ۾ عدالت نه اچڻ گهرجي ها، عدالتي حڪم تي وڪيل خالد محمود کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو، عدالتي ڪمري ۽ فائلن ۾ اسپري ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔