خبر پئي آهي ته ايف ڊبليو او کي ڪم نٿو اچي: چيف جسٽس

ڪراچي: خبر پئي آهي ته ايف ڊبليو او کي ڪم نٿو اچي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کين ڪوبه ڪم نٿو اچي، ايف ڊبليو او کي خانيوال ۾ منصوبو مليو، 9 سال گذرڻ باوجود منصوبو مڪمل ناهي ٿيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي سي آر منصوبي بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جا ريمارڪس، ايف ڊبليو او کي پئسا ٺاهڻ لاءِ ڪم ناهي ڏنو، ڪي سي آر عوامي مفادن جو منصوبو آهي، ايف ڊبليو او جي نمائندي چيو ته اسان کي هيل تائين ڪوبه ٺيڪو ناهي مليو، اڃا انڊر پاسز ۽ اوور هيڊ برجز جو ڍانچو تيار ڪرڻو آهي، سيڪريٽري ريلوي ۽ ڪمشنر ڪراچي چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي کي 9 اسٽيشنز تائين هلائڻ شروع ڪيو آهي، سٽي اسٽيشن کان اورنگي تائين ٽرين هلي رهي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي سي آر منصوبي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، سنڌ حڪومت کي ريلوي ٽريڪ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔