ھڪ جماعت پي ڊي ايم جو فورم استعمال ڪري شوڪاز نوٽيس موڪليو: شازيه مري

ڪراچي: مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه مري چيو آهي ته پي ڊي ايم فورم استعمال ڪندي هڪ سياسي جماعت پاران شوڪاز نوٽيس موڪليو ويو، جنهن تي افسوس ٿيو. شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي پاران پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو ڪو به اشارو ناهي ڏنو ۽ پيپلزپارٽي پي ڊي ايم ٺاهيندڙن مان ھڪ آهي ۽ پيپلزپارٽي اڃا تائين گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي پر لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جو اھڙو ڪوبه ارادو ناهي. اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. شازيه مري چيو ته (ن) ليگ خاص طور تي پي ڊي ايم کي نقصان پهچايو آهي، انهن جي هڪ يا ٻن ماڻهن پاران اهڙا بيان ڏين ٿا جنھن سان پي ڊي ايم کي نقصان رسيو آهي. ھن چيو ته جيڪڏهن ڪا به جماعت پي ڊي ايم کي نقصان پهچائيندي ته ان جو مطلب اھا حڪومت کي خوش ڪندي. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته اي اين پي هڪ آزاد سياسي پارٽي آهي ۽ اسان ان جي پي ڊي ايم کي الوداع چوڻ واري فيصلي جو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾ تحمل مزاجي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري چيو ته جهانگير ترين جي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جون خبرون غلط آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔