ملازمن کي پينشن نه ملي ته سنڌ ڪابينا جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر: رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون کي پينشن نه ملي ته سنڌ ڪابينا جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون نه ملڻ واري ڪيس ۾ ڪابينا ميمبرز جون پگهارون بند ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، رٽائرڊ ملازمن جي پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي، ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته زراعت کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري جون پگهارون بند رهنديون، ايندڙ ٻڌڻي تائين پينشن نه جاري نه ٿي ته سموري ڪابينا جون پگهارون بند ڪيون وينديون، رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي وڌيڪ 3 هفتن جِي مهلت: عدالت ڊي جي زراعت کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔