خيرپور ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ ويم دوران عورت ٻار سوڌو فوت، وارثن جو احتجاج

خيرپور: ليڊي ولنگڊن اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت ڊاڪٽرن ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب پيٽ ۾ موجود ٻارڙي سميت فوت، وارثن جو احتجاج، لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳوٺ سنهڙو رند جي رهواسڻ 28 سالا مسمات نورجهان زال فدا حسين رند کي ويم لاءِ ليڊي ولنگٽن اسپتال داخل ڪرايو ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز ۽ عملي جي غفلت سبب اسان جي عورت ٻارڙي سميت فوت ٿي آهي جيستائين انصاف نه ٿيندو تيستائين لاش نه کڻنداسين، هنن مطالبو ڪيو آهي ته غفلت ۾ ملوث ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔