پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پنهنجي ڪردار سان خلق کلائي: مولانا عبدالغفور حيدري

اسلام آباد: جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفور حيدري، پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي خلاف عوامي نيشنل پارٽي جي الزامن جي جواب ۾ چيو آهي ته تاريخ ۾ اهڙي بدنامي وارو عمل ڪو به نه ٿيو آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته جهڪڻ ۽ وڪرو ٿيڻ جا به طريقا هوندا آهن پر جهڙي ريت پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ان سان خلق کلائي وئي. هن چيو ته اي اين پي تسليم ڪيو ته اسان ياري دوستي ۾ اهو قدم کنيو ، اصول پنهنجي جاءِ تي هوندا آهن پر اهڙين حالتن ۾ شوڪاز نوٽيس ته ايندا آهن جيڪا خراب ڳالهه نه آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته هي اتحاد تحريڪ لاءِ آهي نه ڪي چونڊن لاءِ ۽ تحريڪن سان اهي ماڻهو هلندا آهن جيڪي هر دٻاءُ کي برداشت ڪن ۽ مشڪلن تي قابو پائين ۽ ٻيڙيون ساڙي هلن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔