سکر جي شهري آبادي مان مينهن جا واڙا ڪيٽل ڪالوني منتقل ڪرڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ طرفان شهر مان غير قانوني مينهن جا واڙا ٻاهر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت پاران ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر کي ڪيٽل ڪالوني مان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو، عدالت چيو آهي ته ڪيٽل ڪالوني ۾ ڪمرشل اڏاوتون ڪنھن جي اجازت سان تعمير ٿيون آھن، وڪيل شبير شر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪئنالن اندر وڏي انگ ۾ مينھون موجود ھجن ٿيون، جن جي اچڻ ۽ وڃڻ وقت شهر جي ٽريفڪ معطل رھي ٿي، دادو ڪينال تي لڳل گرل ۽ ديوار ٽوڙيون ويون آھن، آبپاشي کاتو ان معاملي ڇو خاموش آهي، عدالت ڪمشنر، ڊي سي سکر ۽ ذميوارن کان 20 اپريل تائين شھري مان واڙا ڪيٽل ڪالوني منتقل ڪري ڪمرشل اڏاوتون ختم ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ڊي ايس پي سائيٽ، ۽ ڊي ايس پي منڊوديرو پيش نه ٿيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔