فخر زمان جي رن آئوٽ تي ڊي ڪوڪ ڏنڊ لڳڻ کان بچي ويو

لاهور: ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٻئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ فخرزمان جي رن آئوٽ واري معاملي جي لکت ۾ شڪايت نه ڪرڻ سبب ڪونئين ڊي ڪوڪ امڪاني ڏنڊ کان في الحال بچي ويو.ٽيم انتظاميه جي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ميچ ختم ٿيڻ کان پوءِ فخرزمان جي تڪراري رن آئوٽ تي ٽيم مئنيجر منصور رانا ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ کان زباني ڳالهه ضرور ڪئي آهي پر لکت ۾ باقاعده ڪابه شڪايت ناهي ڪئي. قائدن موجب ڪنهن به تڪراري ايڪشن تي لکت ۾ رپورٽ ڪري معاملو ميچ ريفري جي علم ۾ آڻڻ ضروري هوندو آهي.جيڪڏهن ان معاملي ۾ به لکت ۾ شڪايت ڪئي وڃي ته ميچ ريفري ڪوئنٽن رانديگر ڊي ڪوڪ تي ڏنڊ هڻڻ جو اختيار رکي ٿو. ڏکڻ آفريقا ۾ پيدا ٿيڻ کان پوءِ زمبابوي منتقل ٿيندڙ ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستاني ٽيم مئنيجر منصور رانا جي زباني ڳالهه ٻڌي ته ضرور آهي پر ان تي ڪنهن به قسم جي ايڪشن جو امڪان نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔