ملير جي عدالت پاران حليم عادل شيخ مٿان فرد جرم لاڳو

ملير: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ملير جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، حليم عادل شيخ طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، عدالت پاران 17 اپريل تي حليم عادل شيخ کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان موقعي تي حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ماڻهن کي ڪتن جو خطرو آهي، جيڪو عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندو ان کي سنڌ سرڪار کان خطرو هوندو، بلاول ڀٽو زرداري کي ڏسڻ گهرجي ته عوام سان ڪهڙا مسئلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔