فيصل واوڊا جي خلاف نااهلي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

اسلام آباد: ٻٽي شهريت لڪائڻ تي فيصل واوڊا جي خلاف نااهلي ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

رجسٽرار هاءِ ڪورٽ  سنگل بينچ جي خلاف جي خلاف اپيل سومر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪندو.

ياد رهي ته گذريل هفتي ٻه ڏينهن ڪيس  ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو پر بينچ جي عدم دستيابي تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔