وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ براڊ شيٽ ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي اچي وئي

اسلام آباد : نيب کانسواءِ ڪنهن به حڪومتي اداري جاچ ۾ سهڪار نه ڪيو، بيورو ڪريسي شاهديون لڪائڻ ۽ گُم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ براڊ شيٽ ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي اچي وئي، جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميشن جي رپورٽ ۾ بيورو ڪريسي جي عدم سهڪار جا پول پڌرا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪامورا شاهي جي عدم سهڪار سان موهنداس گانڌي فخر محسوس ڪندو هوندو، چيو ويو آهي ته ڪاوي موسوي ڪجهه شخصيتن تي الزام لڳايا، پر هو پاڻ سزا يافتا شخص آهي، ڪميشن کي سندس خلاف جاچ جو مينڊيٽ نه مليو هو، حڪومت چاهي ته ڪاوي موسوي خلاف الزامن جي جاچ ڪرائي سگهي ٿي، مارگلا جي دامن ۾ رپورٽ لکڻ وقت گدڙن جي موجودگي هوندي هئي، رڪارڊ کي مختلف کاتن کان وٺي ٻئي کنڊ تائين گُم ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔