سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، جيل ۾ نانگ موڪلي مارڻ جي ڪوشش ڪئي:حليم عادل شيخ

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو : سنڌ اسيمبلي ۾ پوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت مون مٿان حملو ڪرايو، جيل ۾ نانگ موڪلي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت مون کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي، ڇا مان دهشتگرد آهيان، حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جا وزير ايترا ته بااثر آهن جو ججن کي به لاڪيٽ لانچر سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، معاملي جو چيف جسٽس پاڻ مرادو نوٽيس وٺي، سنڌ حڪومت جي وزيرن خلاف جيڪو به احتجاج ڪري رهيو آهي ان جي خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا، هن چيو آهي ته گهوٽڪي جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ مذمت جوڳو عمل آهي، سنڌ جي صحت واري وزير شاهي حڪم نامو جاري ڪندي فوتين جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينسز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو آهي ته جروار ٿاڻي تي اليڪشن دوران مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي پيشي تي عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ هنگامي ڪيس ۾ ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ پيش، 2019ع جي ننڍي چونڊ دوران حليم عادل شيخ خلاف جر وار ٿاڻي تي هنگامي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔