ملڪ ۾هڪ هفتي دوران کاڌي پيتي جي 26 شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار شرح 13.4 سيڪڙو رهي، شماريات کاتي گذريل هفتي جي مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، هڪ هفتي ۾ بيضا 16 رُپيا 36 پئسا في درجن مهانگا ٿي ويا، کنڊ جي اگهه ۾ هڪ رُپيو 38 پئسا في ڪلو واڌ رڪارڊ، کير، ڏهي ۽ گيهه سوڌو عام واهپي جي 26 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ، شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته عام واهپي جي 7 اِسمن جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي، 18 شين جا اگهه برقرار رهيو آهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته اٽي جي 20 ڪلو ٿيلي ۾ 9 رپيا 76 پييسا، ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 6 پيسا ۽ پٽاٽن جي قيمتن ۾ 89 پيسا اضافو ٿيو آهي، شماريات کاتي جي رپورٽ موجب ماش دال جي قيمت ۾ 2 رپيا، چڻن جي دال ۾ 74 پيسا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ٿوم 12 پيسا سستو ٿيو ۽ ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 81 پيسا ۽ ايل پي جي گهريلو سيلينڊر 31 رپيا 29 پيسا سستو ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔