حڪومت مخالف ڌر کي قبول ناهي، ان ڪري آڇ جي به ڪا حيثيت نه آهي: غفور حيدري

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري حڪومت طرفان ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي عهدي جي آڇ جي ترديد ڪري ڇڏي. مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين وٽ سمورين پارٽين جا ميمبر ويٺل هئا، ميٽنگ دوران ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي ۽ ميٽنگ کان پوءِ پرويز خٽڪ ڳالهيون ميڊيا جي آڏو ڪيون. هن چيو ته حڪومتي وزير جي ميڊيا جي آڏو اهڙي قسم جي ڳالهين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو. عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته جنهن حڪومت کي مخالف ڌر قبول نٿي ڪري ان حڪومت جي آڇ جي ڪا به حيثيت ناهي، پي ڊي ايم جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان جا پابند آهيون ۽ پي ڊي ايم مڪمل طور تي متحد ۽ متفق آهي. جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومتي وزير پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ لاءِ دير وارا حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔