حڪومت جو وڏو يوٽرن: جي يو آءِ کي سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جي سيٽ ڏيڻ جي آڇ

اسلام آباد: حڪومت طرفان سيينٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن لاءِ مخالف پارٽي جي يو آءِ جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش، پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جي سيٽ جي يو آءِ کي ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جِي جَي يو آءِ اڳواڻ مولانا غفوري حيدري سان ملاقات، پي ٽي آءِ طرفان ڊپٽي چيئرمين لاءِ مولانا غفوري حيدري کي ووٽ ڏيڻ جي خواهش ظاهر، وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته غفور حيدري کي آڇ ڪئي ته سينيٽ ۾ اسان جو ڊپٽي چيئرمين بڻجي وڃي، مولانا غفور حيدري پي ڊي ايم طرفان کيس ڊپٽي چيئرمين لاءِ نامزد ڪرڻ کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔