ڪيرون پولارڊ سريلنڪا خلاف هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي ڇڏيا

انٽيگا :ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ سريلنڪا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي ڇڏيا.
انٽيگا ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم طرفان مليل 132 رنسن جو هدف ميزبان ويسٽ انڊيز ڪيرون پولارڊ جي جارحاڻي بيٽنگ عيوض 13.1 اوورن ۾ ئي حاصل ڪري ورتو.
ويسٽ انڊين اننگز جي خاص ڳالهه اها هئي ته ڪيرون پولارڊ اڪيلا ڌننجيا کي هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔