سنڌ ۾ صحت واري سيڪريٽري پاران پنهنجا اختيار هيٺين سطح تائين منتقل

ڪراچي: صحت کاتي ۾ بدلين مقررين، موڪلن، جي پي فنڊن، مالي معاملن ۽ ڊاڪٽرن جي هائوس جاب وارن معاملن جا سوين فائيل پينڊنگ ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪم جي دٻاءُ سبب سيڪريٽري صحت پنهنجا اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪري ڇڏيا، هڪ کان 16 گريڊ تائين ملازمن جي بدلين ۽ مقرري وارا اختيار لاڳاپيل اسپيشل سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا آهن، 16 گريڊ تائين جي ملازمن کي ايڊوانس جي مد ۾ جي پي فنڊ جي درخواستن وارا معاملا لاڳاپيل ڊپٽي سيڪريٽري ۽ 16هين گريڊ کان مٿي ايڊوانس جي پي فنڊ جا معاملا لاڳاپيل ايڊيشنل سيڪريٽري جي حوالي ڪيا ويا. ملازمن ۽ ڊاڪٽرن جي 6 مهينن واري بغير پگھار موڪل جي منظوري ڏيڻ وارو اختيار اسپيشل سيڪريٽري حوالي، ضلعي اندر بدلي جو اختيار اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻئي ضلعي ۾ بدلي جو اختيار سيڪريٽري وٽ ئي رهندو. 18 هين گريڊ کان مٿي جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن جي رٽائرمينٽ تائين موڪل واري منظوري لاڳاپيل سيڪشنز جي ڊپٽي سيڪريٽري جو اختيار هوندو. هائوس جاب لاءِ ڊاڪٽرن کي هاڻي سيڪريٽري بجاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري (پبلڪ هيلٿ شعبي) پاران ڏني ويندي. حج، عمري ۽ زيارت لاءِ صحت کاتي جي هڪ کان 16هين گريڊتائين جي ملازمن کي موڪل لاڳاپيل ڊپٽي سيڪريٽري، 17هين ۽ 18هين گريڊ جي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن کي لاڳاپيل ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ 19 گريڊ کان مٿي گريڊن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي موڪلن وارا معاملا هاڻي اسپيشل سيڪريٽري کي ملي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔