پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ سينيٽ اميدوارن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزير اعظم عمران جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ سينيٽ اميدوارن جي منظوري ڏئي ڇڏي. بورڊ پنجاب مان سيف الله نيازي، اعجاز چوڌري، عون عباس، علي ظفر ۽ ڊاڪٽر زرقا نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جا سنڌ مان فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا. پڌرائي موجب ڪي پي مان شبلي فراز، محسن عزيز، ذيشان خانزاده، فيصل سليم، نجيب الله خٽڪ، دوست محمد ۽ ڊاڪٽر همايون پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا. پڌرائي موجب ثانيه نشتر، فلڪ ناز چترالي ۽ گوررديپ سنگهه ڪي پي مان اميدوار هوندا. بورڊ مطابق اسلام آباد مان حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد ،بلوچستان مان عبدالقادر بلوچ نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔