چين جو پاڪ فوج لاءِ ڪورونا وئڪسين جو تحفو

اسلام آباد: چين پاران پاڪ فوج لاءِ ڪورونا وئڪسين جو تحفو موڪليو ويو، پاڪ فوج چين پاران مليل وئڪسين فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي نانءُ ڪري ڇڏي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته طبي عملو اصل هيرو آهي، پاڪستاني عوام ڪورونا جو ڀرپور مقابلو ڪيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته ڪورونا سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي، پاڪستاني قوم ڪورونا جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرز ڪورونا سان مقابلي ۾ قوم جي ڀرپور مدد ڪئي.ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته چيني فوج پاڪستاني فوج کي ويڪسين جو عطيو ڏنو ۽ پاڪ فوج چيني فوج طرفان ڏنل ويڪسين هيلٿ ورڪرز کي ڏئي ڇڏي. ڀارت بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سامهون هڪ ڊوزيئر رکيو، ڀارت دنيا ۾ تمام گهڻي حد تائين بينقاب ٿي چڪو آهي، هن حوالي سان گذريل پريس ڪانفرنس ۾ گهڻا ثبوط سامهون رکيا هئا. ڪي ٽو تي لاپتا جبل چاڙهو جي حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علي سدپاره قوم جو هيرو آهي، جبل چاڙهو جي سرچ آپريشن ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔