ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ اهڙو سائيڊ ايفيڪٽ جنهن کي وسارڻ نه گهرجي

واشنگٽن: ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ ڪجهه اهڙا اثر سامهون آيا آهن جيڪي عام آهن ۽ ان تي فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت ناهي. پر ڪجهه سائيڊ ايفيڪٽس اهڙ ابه آهن جيڪي نمودار ٿيندي ئي فوري طور تي ڊاڪٽرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي.ڪورونا وائرس ڊسمبر 2019 ۾ دنيا جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو هو. واپاري سرگرميون بند، اسڪول بند، اهم تقريبون ملتوي ۽ اڏامون معطل ٿي ويون هيونپر هاڻ انڌيري ۾ روشني جي هڪ ڪرن ويڪسين جي شڪل ۾ نظر آئي آهي.موذي وائرس ڪورونا جي خلاف 6 کان وڌيڪ ويڪسين اچي چڪيون آهن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ويڪسينيشن جي شروعات به ٿي وئي آهي پر تمام گهڻو ضروري آهي ته ويڪسين جي سائيڊ ايفيڪٽس بابت به ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي.وبائي مرض جي عالمي شهرت يافته آمريڪي ڊاڪٽر انتهوني فائوچي خبردار ڪيو آهي ته ويڪسين جيان ڪورونا ويڪسين جا به ڪجهه معمولي صحت لاءِ خراب اثر اچي سگهن ٿا جنهن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.ڊاڪٽر فائوچي موجب اهي خطرناڪ اثر يا نشانيون جلد تي خارش، داڻن يا سوڄ جيان نظر ايندا آهن. ڇو ته اهي نشانيون عام طور تي ڪنهن به ويڪسين جي لڳڻ کان پوءِ ظاهر ناهن ٿينديون.وبائي مرض جي ماهر فائوچي جو چوڻ آهي ته جلد تي ان نشانين جو مطلب ويڪسين ۾ شامل اجزا سان الرجي ٿيڻ ئي ٿي سگهي ٿو جيڪا هڪ طبي ايمرجنسي آهي ۽ فوري طور تي متاثر ٿيندڙ کي اسپتال کڻي وڃڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔