تحريڪ انصاف جا 25 ايم اين ايز رابطي ۾ آهن: پيپلز پارٽي جي دعويٰ

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 25 ايم اين ايز اسان سان رابطي ۾ آهن. 

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جڏهن اها حڪومت آئي ته سڀني کان اڳ بحران پيدا ٿيو. ملڪ معاشي طور ۽ سياسي طور تي ختم ڪيو ويو.  ڪالهه رات عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو. 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ته نه ڏنيون پر ادارا بند ڪيا ويا ۽ پشاور کان ڪراچي تائين گهر ڊاهيا پيا وڃن.

جڏهن ته بني گالا کي مستقل ڪيو ويو. چوندو هو ته ننڍي ڪابينه ٺاهيندس ۽ سڀني کان وڏي ٺاهي ڇڏي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هي ماڻهو ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان ٺاهڻ وڃي رهيا هئا پر  ڪرپشن ۾ ملڪ کي اڳيان ڪري ڇڏيو. براڊشيٽ به هن حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهي. نيب جي مٿان ايف آءِ آر آهي.  ڀاڙي جا ترجمان چون ٿا ته هي مديني جي رياست ٺاهيندا ڇا اهڙي طرح ٺاهيندا مديني جي رياست.

پ پ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي هارس ٽريڊنگ تي يقين نٿي رکي پر تحريڪ انصاف جا 25 ايم اين ايز اسان سان رابطي ۾ آهن. سليڪٽرز انهن تان هٿ هٽائي ڇڏي ته هڪ هفتي ۾ انهن جي حڪومت ختم ٿي ويندي. سليڪٽرز سياستدانن کي سياست ڪرڻ ڏين. استعيفائن  کان پوئتي ناهيون هٽيا. اسان جا استعيفيٰ ايٽم بم آهن  جيڪو پي ڊي ايم جو گڏيل فيصلو آهي ان تي عمل ڪنداسين. اسان کان هو اين آر او گهري رهيا آهن پر اسان کين اين آر او نه ڏينداسين. 

پريس ڪانفرنس دوران شازيه مري چيو ته سال جي شروعات ۾ حساب لڳايون ته پيٽرول جي قيمت ۾ 9 روپيه واڌ ٿي آهي. پاڪستان کي روزاني نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم کي ٽي وي ۽ سندس زال کان خبر پوندي آهي ته پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هي پنهنجي خلاف حقيقت ٻڌڻ پسند ناهي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔