وڊيو ٺاهي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو: گورنر عمران اسماعيل

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وڊيو ٺاهي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، وڊيو ٺاهيندڙ هڪ ڪرپٽ حڪومت جو حصو آهي. گورنر هائوس جي گاڏي ۾سوار ڪتي جي وڊيو وائرل ٿيڻ وارو معاملي بابت گورنر عمران اسماعيل پاران وڊيو پيغام جاري ڪيو ويو، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته جنهن گاڏي ۾ڪتو نظر اچي رهيو آهي ان ۾ سندس ڪٽنب جا ڀاتي سوار هئا، گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته جنهن وڊيو ٺاهي اهو هڪ ڪرپٽ حڪومت جو حصو آهي. هن چيو ته پوليس موبائيل پروٽوڪول نه پر فيملي جي حفاظت لاءِ هئي وڊيو ٺاهي غير سنجيده حرڪت ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته هو ملڪ ۾ تبديلي لاءِ آيا آهن ۽ تبديلي آڻي ڏيکاريندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔