ڀارتي يوم جمهوريا تي هارين جي ٽريڪٽر ريلي،ڀارتي فورسز جي لاٺي چارج

نئين دهلي: ڀارتي يوم جمهوريا تي هارين جي ٽريڪٽر ريلي کي روڪڻ لاءِ نئين دهلي ۾ هر پاسي پوليس مقرر آهي.

غازي آباد کان نئين دهلي پاسي سڀئي رستا بند آهن ۽ سرحد جي ويجهو هارين کي روڪڻ لاءِ وڏيون وڏيون رڪاوٽون رکيون ويون آهن .

ڀارت جي يوم جمهوريا جون تقريبون ۽ سالياني فوجي پريڊ کانپوءِ وزيراعظم نريندر مودي  جي آڏو هارين ٽريڪٽر ريلي ڪڍڻ جي منصوبا بندي ڪئي آهي .

ان موقعي تي هارين رڪاوٽون ٽوڙِي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڀارتي فورسز هارين تي لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو .

هاري رڪاوٽون ٽوڙي نئين دهلي ۾ داخل ٿي ويا جنهن کانپوءِ پوليس سان جهڙپن دوران ڪيترائي هاري زخمي ٿي پيا .

هريانا ،راجسٿان، پنجاب ۽ يوپي کان هارين جا قافلا گادي واري شهر اچڻ شروع ٿي ويا آهن .

ڀارت ۾ هارين پاران زرعي قانونن خلاف نومبر کان نئين دهلي جي مختلف جاين تي هارين ديرا ڄمائي رکيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔