پي ڊي ايم کي عوام رد ڪري ڇڏيو هاڻ هي ايوانن جو رخ ڪري رهيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا روڊن تي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، عوام طرفان کين رد ڪرڻ کان پوءِ هو هاڻ واپس ايوانن جو رخ ڪري رهيا آهن. 

رپورٽ موجب سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته هڪ پي ڊي ايم ۽ ڪيترائي بيان آهن.

بلاول زرداري جو بي اعتمادي تي زور، احسن اقبال جا شڪ ۽ وسوسا ۽ مريم نواز جو لانگ مارچ تي زور آهي هي سڀ پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ واضح ڏار جا ثبوت آهن.

شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم وارا روڊن تي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ نڪتا هئا، عوام طرفان رد ٿيڻ کان پوءِ واپس ايوانن جو رخ اختيار ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔