آشيانه ريفرنس: حاضري کان ڇوٽ ڪالعدم قرار، شهباز شريف ذاتي حيثيت ۾ طلب

لاهور: آشيانه ريفرنس ۾ وڏي اڳڀرائي، احتساب عدالت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

عدالت شهباز شريف کي حاضري کان ڇوٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي نمائندي ايڊووڪيٽ نواز حاضري مڪمل ڪئي. جنهن تي عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ جوابدار  باقي ڪيسز ۾ نيب جي عدالتن ۾ پيش ٿيڻو آهي.

جوابدار هن وقت جيل اختيارين وٽ گرفتار آهي ۽ ٻين ڪيسز  ۾ پيش ٿيندو آهي. ائين ناهي ٿيندو. جوابدار هڪ ڪيس ۾ پيش ٿيو ٻئي ۾ کيس ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت چيو ته هي اهم نوعيت جو ڪيس آهي. هن ۾ جوابدار شهباز شريف پيش ٿئي. عدالت شهباز شريف کي 26 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت آشيانه ريفرنس ۾ 6 گواهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ گواهن جا بيان قلمبند ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو.

ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت  شهباز شريف جي موجودگي ۾ گواهن جا بيان قلمبند ڪندي.

ياد رهي ته احتساب عدالت آشيانه ريفرنس ۾ شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ 2018 ۾ حاضري کان ڇوٽ ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔