براڊ شيٽ بابت برطانوي عدالت جَي فيصلي ۾ نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ڪراچي : براڊ شيٽ بابت برطانوي عدالت جَي فيصلي ۾ نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو، ثالثي عدالت سموري ذميواري نيب تي وجهي ڇڏي، عدالتي فيصلي موجب نيب ڄاڻي واڻي براڊ شيٽ کي مالي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي، غلط بنيادن تي براڊ شيٽ ايل ايل سي سان معاهدو ختم ڪيو، براڊ شيٽ جَي نالي سان جعلي ڪمپني سان معاهدو ڪري رقم ادا ڪئي وئي، هڪ ڏهائي 5 ملين ڊالرز جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي وئي، جيڪو عمل غير قانوني هو، اصل براڊ شيٽ ايل ايل سي برطانيا ۾ هئي، ڪيس ۾ نيب جي سمورن اڳوڻن سربراهن شاهديون ڏنيون, براڊ شيٽ برطانوي عدالت جو فيصلو جاري ڪرڻ بابت پاڪستاني حڪومت جِي درخواست قبول ڪري ورتي، براڊ شيٽ جَي سربراهه ڪاوي موسوي چيو آهي ته نيٺ حقيقتون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن،  پاڪستاني عوام کي هاڻ حقيقتن جو پتو پئجي ويندو، براڊ شيٽ نيب ڪيس جو فيصلو آگسٽ 2016 ۾ ٻڌايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔