مريم نواز جي شهبازشريف سان ملاقات، پي ڊي ايم جي فيصلن کان آگاهه ڪيو

لاهور: مريم نواز لاهور جي احتساب عدالت ۾ اپوزيشن ليڊر سان ملاقات ڪري پي ڊي ايم جي فيصلن کان کيس آگاهه ڪيو.

ليگي اڳواڻ مريم نواز عدالت جي ڪمري ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي چيو اهو احتساب ناهي، اهو انتقام آهي، ڪيسز سان هڪ ڏينهن ضرور سرخرو ٿينداسين، هن چيو ته لاهور کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو، براڊ شيٽ جي معاملي تي حڪومتي بدنيتي سامهو آئي، ضمني چونڊون کٽينداسين، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن  جي سامهون ڀرپور احتجاج ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔