عامر جو مصباح ۽ وقار جي موجودگي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واپسيءَ کان انڪار

لاهور : عالمي ڪرڪيٽ تان تازو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر هڪ ڀيرو ٻيهر موجوده ٽيم مئنيجمينٽ تحت ڪرڪيٽ ۾ واپسي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته رٽائرمينٽ جي فيصلي جو ڪارڪردگي سان ڪو واسطو ناهي، مسئلو هن ٽيم مئنيجمينٽ جي مائينڊ سيٽ جو آهي، رانديگرن کي عزت نه ملندي ته اهي ائين ئي پرفارم ڪندا.
هن چيو ته جيڪڏهن پرفارمنس جو مسئلو هجي ها ته مان ليگز ۽ ڊوميسٽڪ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري واپس اچي وڃان ها، ڪيترائي ڪرڪيٽر ائين ڪندا رهيا آهن، مان 5 سالن تائين سخت محنت ڪندي ڪم بيڪ لاءِ انتظار ڪيو، صبر ڪري سگهان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔