براڊ شيٽ کي نواز شريف خلاف مواد گڏ ڪرڻ لاءِ 7 ارب رُپيا ڏنا ويا: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: براڊ شيٽ کي نواز شريف خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو آهي، نواز شريف خلاف مواد گڏ ڪرڻ لاءِ 7 ارب رُپيا ڏنا ويا، اڄ نيب پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي، بدقسمتي سان نيب کي شرم نٿو اچي، اڳوڻي وزير اعظم وزير شاهد خاقان عباسي جي نيب ۽ حڪومت مٿان ڇتي تنقيد، نواز ليگ اڳواڻ چيو آهي ته نيب 20 سال اڳ ڇا ڪندو رهيو ۽ هاڻي ڇا ڪري رهيو آهي،براڊ شيٽ جي رپورٽ ۾ نيب جي ڪهاڻي موجود آهي، سپريم ڪورٽ کي نيب بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، براڊ شيٽ جِن ماڻهن جا نالا ٻڌايا، اُنهن کي لڪايو ويو، شاهد خاقان عباسي طرفان برطانوي عدالت جو فيصلو عوام آڏو ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔