وفاقي ڪابينا پاران پي ايس 52 عمر ڪوٽ تي ننڍي چونڊ دوران رينجرز مقرري جي منظوري

اسلام آباد: ملڪ ۾ بجلي بليڪ آئوٽ بابت رپورٽ وفاقي ڪابينا ۾ پيش، ڪابينا پي ايس 52 عمر ڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ دوران رينجرز جَي مقرري جي منظوري، وزير اعظم کي ملڪ جي سياسي ۽ ڪورونا صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، وزير اعظم ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جِي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماسڪ جي استعمال تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو وڃي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن پرڏيهي ملڪن جي فنڊنگ جا تفصيل پيش ڪندي، ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي جي ڊي جي جي مقرري جي منظوري وئي، پاڪستان ڪائونسل آف سائنس جي بورڊ آف گورنرز جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔